Explanation
عبارت: پھريون: سنڌ جي ماٿيلي واري ڀاڱي تي، گجر ذات جو راجا نند حڪومت ڪندو ھيس. کيس دولت ڪٺي ڪرڻ ۽ شڪار ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. ھڪ ڀيري ڪنهن جانور جو شڪار ڪري، ان جو ھٿ ڪيائين ۽ ان جي مدد پنھنجو سمورو خزانو درياهہ جي ٻيٽ ۾ لڪائي ڇڏيائين۔
ٻيو: راجا نند کي نو نياڻيون ھيون. منجھانئس وڏي سومل سڀني کان عقلمند ھئي ۽ ننڍي مومل سڀني کان وڌيڪ سھڻي ھئي. راجا بہ کيس ڏاڍو ڀائيندو ھو، ان ڪري اھو جادوئي ڏند کيس سنڀالي رکڻ لاءِ ڏنائين، پر ڏند جي اصلي راز نہ ٻڌايائين۔
ٽيون: ھڪڙي جادوگر کي ڪنھن طرح راجا کي لڪايل خزاني جي خبر پئجي ويئي، سو ھڪ ڏينھن راجا شڪار تي ويل ھو تہ ھُو مومل سان ٺڳي ڪري اھو ڏند وٺي، درياهہ مان سمورو خزانو ڪڍي غائب ٿي ويو. راجا جڏهن شڪار تان موٽيو تہ کيس ڏند وڃائڻ جي خبر پئي. ھو مومل تي ڏاڍو ناراض ٿيو، پر سندس وڏي ڌيءَ سومل آٿت ڏنس تہ ايترو خزانو آءٌ اوھان کي گڏ ڪري ڏينديس۔
چوٿون: سومل پيءُ کان موڪل وٺي، ڪاڪ ڪنڌيءَ تي ھڪڙي ماڙي اڏائي ۽ پنھنجي ڀينرن ۽ نوڪرياڻين کي ساڻ وٺي اتي رھڻ لڳي. ھن پنھنجي ھوشياريءَ سان ماڙي جي چوڌاري جادوءَ جو باغ تيار ڪرايو ۽ ان جي وچان لنگهندڙ سوڙھي رستي تي خوفناڪ جانور بيھاري ڇڏيا، جن جي ڊيڄاريندڙ رڙين تي وڏا وڏا بھادر بہ ڏڪي ويندا ھئا، ان کانسواءِ ڪيترا گمراهہ ڪندڙ ۽ موتمار جادوئي کيل پڻ تيار ڪرائي رکيائين۔
ھن عبارت جي ٻئي پيراگراف جو پھريون جملو فعل جي ڪھڙي صورت کي ظاھر ڪري ٿو؟
فعل ناقص
ھن عبارت مان مرڪب لفظ چونڊيو؟
عقلمند
ھن عبارت جي ٽين نمبر پيراگراف جي آخري جملي ۾ موجود ضمير متڪلم جي ترڪيب ڪريو؟
ضمير متڪلم، عدد واحد، جنس مؤنث، حالت فاعل
ھي عبارت ڪھڙي صنف سان واسطو رکي ٿي؟
لوڪ ڪھاڻي
ھي عبارت تجسس سان ڀرپور آھي، پر ڪھڙي پيراگراف ۾ بين کان وڌيڪ تجسس موجود آھي؟
پيراگراف چوٿون