شاعري: ڏجئين دين ايمان پنھنجي ڪرم سان، ڪسون قلب مان ڪوري ڪڍجئين ڪفاري
شاعري: ڏجئين دين ايمان پنھنجي ڪرم سان، ڪسون قلب مان ڪوري ڪڍجئين ڪفاري
Explanation
- شاعري: ڏجئين دين ايمان پنھنجي ڪرم سان
- ڪسون قلب مان ڪوري ڪڍجئين ڪفاري
- ڏکن ڏوجھرن جي خزان ڪئي خرابي
- ڀلا آڻ ڪا سک سندي نوبھاري
- نڪو خير جو ڪم ڪيوسون، خدايا
- گناھن ۾ گھاري، عمر سڀ گذاري
- چڱائيءَ جو رستو بتائج اسان کي
- ڪريون شال توبهہ جي ترتئون تياري
- آھيون غير واقف، نڪو سونھون ساٿي
- اڳيان پيچرا پيا، مٿان رات ڪاري
- عبادت سندو شوق ڏي تون اسان کي
- سنوارج سيکارج ھنر سڀ ھزارِي
ھي شاعري ترڪيب جي لحاظ کان ھڪ غزل آھي. توھان ٻڌايو تہ اھا معنوي لحاظ سان ڪھڙي صنف سان واسطو رکي ٿي؟
مناجات
ھن شاعري ۾ لڪير (سونھون) ڏنل لفظ وياڪرڻ (گرامر) موجب ڪھڙي حيثيت رکي ٿو؟
صفت
نوبھاري لفظ جو مقصد سمجھايو؟
نئين خوشحالي
ھن شاعري مان اھڙو لفظ چونڊيو جيڪو اصطلاحي طور ڪم آندل نہ ھجي؟
ترتئون
شاگردن جي لاءِ ھن شاعري جي ڪھڙي سٽ سڀني کان وڌيڪ اھميت رکي ٿي؟
پھرين سٽ