شاعري: ٽيليفون اي ٽيليفون، ھيلو ھيلو ڪير بہ ڪو نہ

شاعري: ٽيليفون اي ٽيليفون، ھيلو ھيلو ڪير بہ ڪو نہ

Explanation
  1. شاعري: ٽيليفون اي ٽيليفون،
    1. ھيلو ھيلو ڪير بہ ڪو نہ!
    2. سائين ڳالھايو ٿا ڇو نہ؟
    3. انڪل نانءُ اوھان جو ڇاھي؟
    4. منھنجو نالو نورل آھي،
    5. ھاڻي ته ڪجھہ آواز ناھي۔
    6. آڌي رات جو وڳي گھنٽي،
    7. ساري گھر جي ننڊ ڦٽي،
    8. غلط نمبر ھو ويو لڳي۔
    9. عمر ڪوٽ جي آنٽي آھين؟
    10. يا بوبڪ جي ڀاڀي آھين؟
    11. ڇا ڏيپلي جي ڏاڏي آھين؟
    12. ھيلو ھيلو ڪير بہ ڪو نہ!
    13. سائين ڳالھايو ٿا ڇو نہ؟
    14. ٽيليفون اي ٽيليفون!

    معنوي لحاظ کان ھي شاعري ڪھڙي صنف سان واسطو رکي ٿي؟
    طنز ۽ مزاح
    فعل جي اصولن مطابق شاعري جي ھنن سٽن مان اھڙي سٽ ڳوليو جيڪا مجھولي نہ آھي؟
    سٽ نمبر 4
    وياڪرڻ (گرامر) موجب ھن شاعري جون سيٽون نمبر 3 ۽ 4 ضمير جي ڪھڙي حالت کي ظاھر ڪن ٿيون؟
    ضمير حاضر
    ھيٺين مان اھا ڪھڙي بيھڪ جي نشاني آھي جنهن جو تعداد شاعري جي ھنن سٽن ۾ وڌيڪ استعمال ٿيل آھي؟
    ٿورو دم
    ھرڪو جو ابتڙ مطلب رکندڙ شاعري جي ھنن سٽن ۾ ڳوليو؟
    ڪونہ